SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Treaty Port

(click word to listen sound
  • 🔊
  • triːtiː
  • pɔːt
  • )

From the Dictionary of Geography:

Treaty Port

قراردادي بندرگاهه


From the Dictionary of International Relations:

Treaty Port

ٽريٽي پورٽ

معاهدن ذريعي ڦٻايل بندرگاهه

هي اصطلاح ايشيا (خاص طورتي جپان ۽ چين) جي بندرگاهن ۾ يورپي طاقتن کي ملندڙ سهولتن لاءِ استعمال ٿيندو آهي. اڻويهين صدي عيسويءَ جي شروعات کان برطانيه، فرانس، جرمنيءَ ۽ آمريڪا طرفان جپان ۽ چين جي بندرگاهن کي باهمي رضامنديءَ يا طاقت جي زور تي، پنهنجن مختلف مقصدن ۽ منصوبن لاءِ استعمال ڪيو ويو. انهن منصوبن ۾ واپاري ۽ فوجي نوعيت جا منصوبا نهايت ئي اهم هوندا هئا. سڀ کان پهريان 1842ع ۾ برطانيا، چين کي تجارتي معاملن ۾ مات ڏئي ساڻس مُفاد پرستيءَ تي مبني معاهدا ڪري، اٽڪلن سان سندس هڪ بندرگاهه حاصل ڪيو. ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري مُفادن هيٺ وڙهيل هن ويڙهه کي ”آفيمي جنگ“ (Opium War) به سڏيندا آهن. جنهن مطابق برطانيه قابض ملڪن مان ڪچوآفيم کڻي، اُن کي بهتربڻائي، واپرائڻ لاءِ ٻين ملڪن ۾ وڪڻندو هيو. جيئن ته چين وٽ برطانيا جيترا وسيع واپاري وسيلا ۽ ٽئڪنالاجي نه هيا، ان ڪري آفيم جو ڪاروبار ڪندڙ چيني سوداگر برطانيا جي مال کي چين جي آفيم مٿان ترجيح ڏيندا هيا. البت ”پورٽ ٽريٽي“ جو نظام اصل ۾ جپان اُن وقت شروع ڪيو، جڏهن 1854ع ۾ آمريڪا جي فوجي ڪمانڊر ”ميٿيو سي پيري“، جپان تي زور رکيو ته اُهو آمريڪا کي تجارتي مقصدن لاءِ پنهنجا بندرگاهه استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏئي. ان سلسلي ۾ غور ويچار بعد جاپان طرفان آمريڪا کي سندس بندرگاهه استعمال ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ کانپوءِ، مغربي ملڪن چيني ۽ جاپاني بندرگاهن تي پنهنجا نوان قانون آندا. انهن قانونن ذريعي لاڳو ڪيل مخصوص محصولياتي سرشتي هيٺ مغربي واپارين کي رعايتون ڏيئي، جاپاني ۽ چيني بندرگاهن تي مغربي مُلڪن جا جوڙيل ۽ پسنديده ضابطا مقرر ڪياويا.1899ع ۾ جاپان جڏهن واپاري ۽ فوجي شعبن/ معاملن ۾ هڪ طاقتور مُلڪ طور اڀري آيو، ته اُن پنهنجي بندرگاهن کي مغربي ملڪن جي اثر کان آزاد ڪرايو، پر چين ۾ مغربي ملڪن کي اهڙا بندرگاهه پوءِ به مسلسل حاصل رهيا. جيڪي ٻي عالمي جنگ تائين مغربي طاقتن جي ئي قبضي هيٺ هئا . مهاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ چين به پنهنجا بندرگاهه مغربي طاقتن کان واپس وٺڻ ۾ ڪامياب ويو


Remember Me Also:

خاڪو ڪڍڻ

ڪَچو نقشو ڪڍڻ ، مُسَودو تيار ڪرڻ. لِيڪُن سان ڪنهن تصوير جا نشان ڪڍڻ ، لِيڪڻ ، انگارڻ.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal